سيد لعل محمد شاهه للاڻي

سيد لعل محمد شاهه للاڻي: محمد سومار شيخ، ڪتاب ‘لطيف سائين جا لاڙ تان ڀيرا’ ۾ تحفة الڪرام جو حوالو ڏئي لکيو آهي ته، “سيد لال محمد شاهه للاڻي پنهنجي وقت ۾ الله تعاليٰ جي فيض سان فيضياب ٿيل هو. جڏهن شاهه ڪريم ڄائو ته هن روحاني اک سان شاهه ڪريم جي فيض کي پرکي ورتو ۽ کيس سيد جلال شاهه جي حوالي ڪيائين. جلد ئي پاڻ وفات ڪري ويو. سندس قبر شهاب الدين ملتاني جي قبرستان ۾ سندس دوست ڏني درس جي ڀر ۾ آهي، جيڪو مشهور بزرگ جرڪس ديناڻيءَ جو والد آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي هن بزرگ تان ڀيرا ڪندو رهندو هو. ان سلسلي ۾ شاهه لطيف جو هڪ بيت به آهي:
وانئن للاڻي لوءِ، جت ولايت وٽ ٿئي،
معرفت مڪان ۾، وڻ ٽڻ وائي جوءِ،
ساٿي جو سڀ ڪنهن، ٻانڌ پنيو ئي پوءِ،
سيد پير سندوءِ، پسي حال هٿ کڻي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو